تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

وارهه ۾ پنهنجي ايڪتا قومي عيد جا رنگ: ٻارڙا ۽ عورتون به خوش

وارھ (رپورٽر)وارھ ۾ پنهنجي ايڪتا عيد بنا ڪنهن رنگ نسل واري فرق جي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، شاندار ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻھن جي شرڪت، سموري شھر جو گشت ڪيو ويو ، سنڌ جي ٻين شھرن وانگر وارھ ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور موٽ، وارھ پريس ڪلب کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي،سياسي سماجي استادن شاگردن شھرين مزدورن واپارين سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي فاضل راهو چوڪ تي پهتي، ثقافتي گيتن هو جمالو، هن سنڌ جا ٿئي دلير ماڻهو تي رقص ڪري پنهنجي ايڪتا زنده باد جي نعري بازي ڪئي وئي.



Bookmark the permalink.