تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وارهه ۾ قبرستانن تي قبضن خلاف احتجاج

وارھ (ن پ ا) وارھ جي قبرستانن تي قبضي جي ڪوشش خلاف شھرين اياز کهاوڙ ،جبران ڇٽو ،عبدالنبي چانڊيو، جئڪال ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته مختلف برادرين کهاوڙ ، ڪاڪيپوٽا، ڪلهوڙا، راجپوت ، عباسي ، گائينچا ، ڇٽا ۽ ٻين برادرين جي قديمي ابائي قبرستانن حاجي سليمان ، ڳوٺ گل محمد قبرستان ، معصومن جي مقام ۽ بشارت جي قبرستان جي زمين تي بااثرن پاران قبضن جي ڪوشش ڪندي وڻ ڪٽرائي ڇڏيا آھن ۽ مٽي جو ڀراءُ ڪرائي دڪان ٺھرائڻ ٺھرائڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آھي جيڪا زيادتي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته قبرستانن کي چوديواريون ڏياري قبضي خورن خلاف ايڪشن کنيو وڃي.

Bookmark the permalink.