تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

وارهه اسپتال کي سولر ۽ بلب وٺي ڏيڻ لاءِ جهولي ڪري انوکو احتجاج

وارھ( ن پ ا ) وارھ تعلقي اسپتال ۾ رات جي وقت بجلي بند هجڻ جي صورت ۾ جنريٽر نه هلائڻ خلاف شھرين ساحل سڪندر ، ثقلين عباسي ، مجيب چولياڻي، بشير لطيفي ۽ ٻين سولر بيٽري ۽ بلب خريد ڪري تعلقي اسپتال حوالي ڪرڻ لاءِ شھر ۾ جهولي فنڊ گڏ ڪري انوکو احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته تعلقي اسپتال جي لکين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود بجلي بند ٿيڻ بعد انجيڪشن وغيره لڳائڻ لاءِ عملو موبائل جي لائيٽ جو سهارو وٺي انجيڪشن لڳائي رهيو آھي، جيڪا انتظاميا جي نااهلي جي انتها آھي هنن چيو ته چندو گڏ ڪري بيٽري ۽ لائيٽ وٺي تعلقه اسپتال حوالي ڪئي ويندي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس وارھ ڊاڪٽر امام علي تنيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسپتال اندر 5 سولر پليٽون وڏي بئٽري ، پکا ۽ بلب لڳل آھن جيڪي بجلي بند هجڻ جي صورت ۾ ڪتب آندا ويندا آھن گذريل ڏينهن بيٽري جو چارجر خراب ٿيو هو جيڪو پڻ تبديل ڪيو آھي جهولي فنڊ ڪندڙ پهرين اسپتال اچي صورتحال ڏسن بعد ۾ انوکا احتجاج ڪن اسان جو ڪم بهتر نموني هلي رهيو آھي .

Bookmark the permalink.