تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

وارث ڏنو ماڇي ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس، آبادگارن کان تفصيل ورتا ويا

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا ) وارث ڏنو ماڇي ۽ ڀرپاسي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد تڪ جي ايم پي اي فريال ٽالپر جي نوٽيس بعد اي سي ايريگيشن اقبال حسين پليجو، انجنيئر ثناءَ الله ابڙو، پ پ تعلقي صدر اعجاز لغاري وارث ڏنو ماڇي ريگيو ليٽر تي پهچي آبادگارن سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن شاهنواز مگسي، شوڪت جروار، گدا لغاري، اشرف چانڊيو ۽ ٻين عملدارن آڏو شڪايت ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب اسان جو پوکيل ٻيجارو سڙي رهيو آهي جنهن سبب اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، آبادگارن اي سي ايريگيشن ۽ انجنيئر کان گهر ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي وارث ڏنو ماڇي شاخ جي کاٽي ڪرائي ڏني وڃي جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي، ان موقعي تي اي سي ايريگيشن اقبال پليجو ۽ انجنيئر ثناء الله ابڙو چيو ته پاڻي جي مٿان کان کوٽ آهي هنن آبادگارن کي يقين ڏياريندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن جلد پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ وارث ڏنو ماڇي شاخ جي کاٽي پڻ ڪرائي ويندي .

Bookmark the permalink.