تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

وارث ڏنو ماڇي مان ناري مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا ) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلبهار ٻٻر مان ڏينهن ڏٺي جو ناري ڪلثوم ڌيءُ الله وڌايو ٻٻر مبينا طور اغوا ٿي وئي. الله وڌايو ٻٻر جي فرياد تي ٻٻر برادري جي (5) ڄڻن مٿان وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي تي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ناري جي والد الله وڌايو ٻٻر ڄاڻايو آهي ته برادري جي پنجن هٿياربندن نور محمد , وزير علي ٻئي پٽ محمد پناه ٻٻر , محبوب علي , عزيز الله , عنايت الله ٽئي پٽ حبيب الله ٻٻر هٿيارن جي زور تي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي نياڻي ڪلثوم خاتون کي اغوا ڪري ويا آهن هٿياربندن جو تعلق تعلقي ڳڙهي خيرو سان آهي هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري پنهنجي مرضي سان پيار جي پرڻي لاءِ نڪري وئي آهي جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود وارث ڏنو ماڇي پوليس ڪائي گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهي آهي.

Bookmark the permalink.