تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

هڪ هفتي کان ٻن ٻارن سوڌو گم سجاول جوڻيجو واسڻ عورت جي اغوا جو شڪ ظاهر

سجاول جوڻيجو)ن پ ا) سجاول جوڻيجو جي رھواسڻ ڇھن ٻارن جي ماءُ هفتي کان پراسرار نموني ٻن ٻارن سوڌو گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندن بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. جمعي کان گم ڄاڻايل مسمات (ت) زال عبدالخالق جي وارثن اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مسمات(ت) ڏيرياڻي سان گڏجي بازار وئي هئي، جنهن بعد سندس ڏيرياڻي واپس گهر اچي اطلاع ڪيو ته مسمات (ت) گم ٿي وئي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته عورت کي ٻنهي ٻارن سوڌو اغوا ڪيو ويو آهي، کين بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت چاهيندڙ سان هلي وئي آهي.



Bookmark the permalink.