گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن هڪ گهر تي حملو ڪري ڀاتين تي تشدد بعد سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي خلاف عورت عدالت پهچي وئي، عدالت پوليس کان 2 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڳوٺ مريد خان شر جي رهواسڻ عورت مسمات متل خاتون شر پنهنجي وڪيل اڪرم سمون معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست ڏني، عورت ڄاڻايو ته جيوڻ شر، ريشم شر، شاهمراد شر، ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري 2 لک رپين جي ماليت جا سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، گهر کي باهه ڏني وئي، عورت کي پاتل زيور به لاٿا ويا، جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، گهوٽڪي جي عدالت عورت جي اهڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي کينجو ٿاڻي جي پوليس کان 2 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
- دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف، قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ تحريري طور تي جمع ڪرايل…
- نيب جو جيڪب آباد ۾ ڇاپو: ايڪسين هاءِ ويز گرفتار، ڪراچي پوليس شڪارپور مان حملي ڪيس جو جوابدار پڪڙي ورتو
سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر جيڪب آباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڪسين هاءِ ويز کي گرفتار ڪري ورتو نيب ٽيم موجب جيڪب آباد ۾ ڪارروائي ڪري ايڪسين هاءِ ويز اقبال پٺاڻ کي…
- پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس تي تشدد جا الزام: ڀٽ شاهه پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
ڀٽ شاھ (رپورٽ: راجا بوزدار) پسند پرڻي جو ڊراپ سين: لاڙڪاڻي واسڻ جو مڙس سان جهيڙو، تشدد جو الزام، پوليس جوڙي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. لاڙڪاڻي واسي ناري ڪشش…