تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

هي وقت اعتراض اٿارڻ جو ناهي، ڪورونا وائرس کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي:شاهه محمود قريشي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود چيو آهي ته گذريل ڏينهن منعقد ڪيل پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس وزير اعظم جي هدايت تي اسپيڪر طلب ڪيو هو، وزير اعظم جي خواهش هئي ته ڪورونا وائرس خلاف گڏيل لائحه عمل جوڙڻ لاءِ سمورن پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته هي سوشل آئسوليشن جو زمانو آهي، ان ڪري وڊيو لنڪ ذريعي پارلياماني اڳواڻن کي گڏ ڪري حڪومت پاران ڪيل انتظامن تي کين اعتماد ۾ ورتو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته مشاورتي اجلاس گذريل ڏينهن 3 وڳي طلب ڪيو ويو هو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڳالهايو پر انهن پاران اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان مونجهارو هو. هن چيو ته وزير اعظم ڪينٽ ميٽنگ ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني جيڪا ختم ٿيڻ تي اسان کيس گذارش ڪئي ته اوهان پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪيو ۽ انهن کي به ان معاملي جي تفصيل کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته وزير اعظم اسان جي گذارش قبول ڪئي ته وڊيو لنڪ ذريعي پارلياماني اڳواڻن سان خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف اهيو چئي اٿي هليا ويا ته وزير اعظم سندن ڳالهه نه ٻڌي، جنهن بعد مون کين گذارش ڪئي ته هي وقت اعتراض اٿارڻ جو ناهي، جنهن بعد هنن منهنجي گذارش قبول ڪئي ۽ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو.

Bookmark the permalink.