تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

هيرآباد ۾ درسگاهون ۽ سماجي خدمتن لاءِ ادارا جوڙيا ويا

ميران اسڪول، ڪملا ديوي اسڪول ۽ گورنمينٽ ڪاليج تعمير ڪيو ويو

حيدرآباد (رپورٽر) هيرآباد ۽ عامل ڪالوني جي اصلوڪا رهواسي علم جا به پياسا هئي. انهن پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ هن علائقي ۾ ڪيتريون ئي درسگاهون قائم ڪيون جن ۾ ميران اسڪول، ڪملا ديوي اسڪول، گورنمينٽ ڪاليج ۽ ٻيا ادارا شامل هئا. ميران اسڪول ”ميران ٻائي“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. هن اسڪول جو قيام ساڌو ٿانور داس ۽ ان جي ٻين ساٿين جي محنت جي نتيجي ۾ عمل هيٺ آيو. ساڌو ٿانور داس کي ٽيئل واسواڻي به سڏيو وڃي ٿو. ميران ٻائي محبت ۽ عقيدت جو اوهڃاڻ هئي. هن اسڪول جي هر ڪلاس روم تي انهن ماڻهن جا نالا اڄ به اڪريل آهن جن ماڻهن هن اسڪول جي اڏاوت ۾ حصو ورتو هو. تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ميران اسڪول جي اڏاوت جي حوالي سان اهو به ٻڌائين ٿا ته هي اسڪول جڏهن جوڙيو پئي ويو تڏهن سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان پنڊت، ساڌو، سنت، فقير ۽ پوڄاري حيدرآباد گهرايا ويا هئا جن هن اسڪول جي هر سر تي ويدن ۽ گيتا مان اشلوڪ ۽ منتر پڙهي خير ۽ برڪت جون دعائون گهريون هيون. هيرآباد ۽ عامل ڪالوني ۾ رڳو اسڪولن جي قيام ئي عمل ۾ نه آندو ويو هو پر هتي سماجي خدمتن جي حوالي سان ٻيا پلاٽ به مختص ڪيا ويا. انهن پلاٽن تي گرلز گائيڊ جو ادارو قائم ٿيو. ان سان لڳو لڳ ناري سڀا جو قيام عمل ۾ آندو ويو اهو ادارو هاڻي ليڊيز ڪلب سڏجي ٿو. هن عمارت جي اڏاوت 1938ع ۾ شروع ٿي ۽ ٻن سالن دوران يعني 1940ع ۾ اها عمارت جڙي راس ٿي. ان ئي ڪلب ۾ حيدرآباد جي بنهه مشهور شخصيت دادي ليلان عورتن لاءِ موسيقي جا ڪلاس شروع ڪيا. ناري سڀا جي هن اداري تي مسز چترياڻي جوت سنگهه جو نالو اڄ به اڪريل نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ 1899ع ۾ هيرآباد اندر ئي جانور جي اسپتال جو قيام عمل ۾ آندو ويو. گڏوگڏ مختلف هنڌن تي پارڪ به جوڙيا ويا جن پارڪن ۾ شام ڌاري هيرآباد جي سونهن پلٽجي پوندي هئي.



Bookmark the permalink.