تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

هيرآباد جي سونهن اجڙي وئي، رستا ڌوئي عطر ڇَٽِڻ ماضي ٿي ويو، پوش وسندي جو زوال

حيدرآباد جي علائقي هيرآباد جو قيام 19 هين صدي جي شروع ۾ عمل هيٺ آيو، وسندي ۾ صاحبِ حيثيت ماڻهن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا

پلاٽن تي عاليشان ڪالوني قائم ٿي، سينٽرل جيل کان مارڪيٽ تائين ڪالوني جا ٻه بلاڪ هئا، ٻنهي بلاڪن کي ڌار ڪرڻ لاءِ وڏا رستا ٺاهيا ويا

حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد جي هيرآباد پنهنجون حسناڪيون وڃائي چڪي، ڏينهن ۾ ٻه دفعا گهٽيون ۽ رستا پاڻي سان ڌوپجڻ ۽ عطر عنبير جي ڇڻڪار ماضي جو قصو بڻجي وئي، اڪثر تاريخي عمارتن جي جاءِ تي پلازه کڙا ٿي ويا، باقي بچيل عمارتون پنهنجي حال ۾ بيحال، گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ گاڏين جي بي سُري آواز ۾ دٻجي وئي، هيرآباد جي سونهن جو سُٽ منجهي پيو، شهر جي پوش وسندي عروج کان زوال تائين پهتل. ”پنهنجي اخبار“ جي هڪ رپورٽ موجب آزاد سنڌ جي آخري دور ۾ سنڌ جي گادي واري شهر جي حيثيت رکندڙ حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي جي حسناڪين جو ذڪر هاڻي ماضي جو هڪ قصو بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته هيرآباد هاڻي اها هيرآباد ئي نه رهي آهي جنهن جون گهٽيون ۽ رستا روز ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صاف ٿي پاڻي سان ڌوپجندا هئا ۽ جتي شام جي پهر ۾ سندريون هار سينگار ڪري پسار لاءِ نڪري پونديون هيون ۽ انهن سندرين جي حسن جا جلوا پسڻ لاءِ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بهاني اچي هيرآباد ۾ ڳاهٽ ٿيندا هئا. هيرآباد ۾ هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي ايتري حد تائين جو هتي ٺهيل پراڻين شاندار عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ۽ انهن جاءِ تي فليٽ اڏي شهر جي سونهن ۽ سوڀيا کي ميرانجهڙو ڪيو ويو آهي. خود هيرآباد جي رهائشي علائقي جي رستن ۽ گهٽين ۾ دڪان اڏي ان کي ڪمرشل علائقو بڻايو ويو آهي. اڳي جتي رڳو گهوڙن جي ٽاپ جو سُريلو آواز ٻڌڻ لاءِ ملندو هو اتي هاڻي ٽريفڪ جو بي سُري آواز ماڻهن جون ڄڻ ته متيون منجهائي ڇڏي ٿو. ماڻهن جي مَت سان گڏ هيرآباد جي سونهن جو سُٽ به منجهي پيو آهي ۽ ڊهڻ کان بچي ويل عمارتون اداسي ۽ ويچارگي جي عالم ۾ پنهنجي اوج ۽ عروج تي ماتم ڪندي نظر اچن ٿيون. هيرآباد جو قيام 19 هين صدي جي شروعات ۾ عمل هيٺ آيو هو. ان وقت حيدرآباد شهر بنهه محدود شهر هو جنهن کي پکيڙ ڏيڻ لاءِ هيرآباد جي ڪالوني جوڙڻ جو منصوبو رٿيو ويو هو. هن وسندي ۾ صاحبِ حيثيت ماڻهن کي رهائش لاءِ پلاٽ الاٽ ڪيا ويا هئا جن انهن پلاٽن تي هڪ عاليشان ڪالوني قائم ڪئي جنهن کي بعد ۾ هيرآباد جو نالو ڏنو ويو. ماضي جي هيرآباد ۽ عامل ڪالوني جي بيهڪ به ڏاڍي خوبصورت هئي. ان جي شروعات سينٽرل جيل کان ٿيندي هئي ۽ مارڪيٽ تائين ان جو دنگ ٿيندو هو. مارڪيٽ تائين هيرآباد جا ٻه بلاڪ هئا، ٻنهي بلاڪن کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا رستا جوڙيا ويا. هڪڙي رستي کي هاڻي ڀرڳڙي روڊ ۽ ٻئي رستي کي جيل روڊ يا هيرآباد روڊ سڏيو وڃي ٿو، ان ئي روڊ تي حيدرآباد جي ضلعي حڪومت 2008ع ڌاري پڪي قلعي جو عڪس به جوڙايو هو. سينٽرل جيل ۽ هيرآباد توڙي عامل ڪالوني کي جدا ڪرڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي قائم ڪيو ويو جڏهن ته مارڪيٽ ۽ هيرآباد کي جدا ڪرڻ لاءِ اي ون هوٽل وارو روڊ قائم ٿيو. اي ون هوٽل واري روڊ تي بيهي نور محمد هاءِ اسڪول ۽ حيدرآباد جي سول اسپتال جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو. حيدرآباد جي ٽئين بلاڪ کي ڌار ڪرڻ لاءِ وري هڪ ٻيو روڊ به جوڙيو ويو جنهن کي اڳي مياڻي روڊ ۽ هاڻي پرنس علي روڊ سڏيو وڃي ٿو.



Bookmark the permalink.