تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

هواوي اينڊرائيڊ جي مقابلي ۾ نئون او ايس لانچ ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪي پابندين کانپوءِ چيني اسمارٽ فون ڪمپني هواوي گوگل اينڊرائيوڊ ۽ ايپل آءِ او ايس جي مقابلي ۾ پنهنجو آپريٽنگ سسٽم هارمني او ايس ڊيولپرز لاءِ لانچ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسمارٽ فونز تي ايندڙ سال يعنيٰ 2021ع ۾ لانچ ڪيو ويندو. شينزين ۾ ٿيل پنهنجي ڊيولپرز ڪانفرنس دوران هواوي چيو آهي ته هي آپريٽنگ سسٽم اڄوڪن اسمارٽ واچز، ڪارن ۽ ٽي وي جي ڊيولپرز لاءِ دستياب آهي جڏهن ته اسمارٽ فون ڊيولپرز لاءِ هي آپريٽنگ سسٽم هن سال جي پڄاڻي تائين لانچ ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.