تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

همايون شريف ڀرسان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهائي

همايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ويجهو جھان واھ پوليس روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ سردار معرفاڻي تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا. سب ڊويزن سلطان ڪوٽ ھمايون شريف، لوڊرا، جهان واهه، ميان صاحب ۽ ڳڙهي ياسين پوليس جي ايس ايچ او جهان واهه شير محمد جعفري جي اڳواڻي ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ سردار معرفاڻي تي چڙهائي جوابدارگهر خالي ڪري فرارٿي ويا. پوليس جوابدارن جي گهرن مان چوپايو مال ڪاهي رواني ٿي ته رستي ۾ روپوش جوابدارن پوليس مٿان حملو ڪري ڏنو جنھن دوران ڏوھارين گهرن مان ڪاهيل چوپايو مال ڇڏائي ورتو، جڏھن ته ڏوھارين خلاف ڪارروائي دوران پوليس جي اي پي سي چين به ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ڊرائيورزخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، باقي ٻين پوليس اھلڪارن ڀڄي جان بچائي. ٻئي پاسي ڪوريج دوران پوليس اهلڪارن ٽي وي جي رپورٽر شيربازچانڊيو سان بدتميزي ڪري ڪوريج دوران رڪارڊ ڪيل وڊيو موبائل مان ڊليٽ ڪري ڇڏيا بعد ۾ ايس ايچ او جھان واھ شير محمد جعفري موبائل صحافي کي واپس ڪرائي

Bookmark the permalink.