تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

هزارين ٻار پوليو کان رهجي ويا: هدف کان وڌيڪ ٻارن ڦڙا پيتا: انتظاميا

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ضلعي انتظ اميا پاران 5 هزار کان وڌيڪ ٻار رهجي وڃڻ باوجود پوليو مهم دوران مقرر هدف کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي دعويٰ، مهم دوران 5 هزار 57 ٻار گهرن ۾ موجود نه هئا، 194 ٻارن جي والدين ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ضلعي انتظاميا حيدرآباد شهر ۾ پوليو مهم جي پڄاڻي بعد دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ان مهم دوران هدف کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا آهن. انتظاميا موجب 5 ڏينهن جي پوليو مهم ۽ ٻن ڏينهن جي ڪيچپ دوران انهن کي 2 لک 90 هزار 771 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻا هئا پر انهن 7 ڏينهن دوران 3 لک 19 هزار 703 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا آهن. انگن اکرن موجب انهن 28 هزار 932 ٻارن کي به پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري مقرر هدف کان انگ کي وڌائي ڇڏيو آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب پوليو مهم دوران تعلقي سٽي ۾ 98 هزار 611 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻا هئا پر ٽيمن رڳو 90 هزار 876 ٻارن کي ڪور ڪيو. ان علائقي ۾ 1698 ٻار گهرن ۾ موجود نه ئي نه هئا جڏهن ته سٽي ۾ 67 ٻارن جي والدين ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو. ٻهراڙي واري تعلقي ۾ مقرر هدف 88 هزار 130 هو پر ٽيمن رڳو 85 هزار 332 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا. اهڙي ريت ڄاڻايل تعلقي ۾ به هڪ هزار 35 ٻار گهرن ۾ موجود نه هئا جڏهن ته 8 ٻارن جي والدين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب لطيف آباد تعلقي ۾ هڪ لک 13 هڪ هزار 342 ٻارن جو هدف هو پر ٽيمون 93 هزار 286 ٻار ڪور ڪري سگهيون اتي به 1667 ٻار ٽيمن کي هٿ نه اچي سگهيا. 94 ٻارن جا والدين ٽيمن کي ڏسي پنهنجا ٻار ئي واپس وٺي ويا. قاسم آباد تعلقي ۾ 54 هزار 757 ٻارن کي پوليو مهم جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو پر ان علائقي ۾ به ٽيمون رڳو 50 هزار 209 ٻار ڳولي سگهي جڏهن ته 657 ٻار ٽيمن کي هٿ نه آيا. 25 ٻارن جي والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٻارن جو اهو انگ گذريل مهم ۾ به نظر آيو ان دوران به 5 هزار کان وڌيڪ ٻار رهجي ويا هئا ۽ هن ڀيري به اهي ٻار ٽيمن کي هٿ نه اچي سگهيا آهن.

Bookmark the permalink.