تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

هالا ۾ هفتو اڳ گهرو اڻبڻت تان پاڻ ساڙيندڙ رٽائرد پوليس اهلڪار ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

هالا (ن پ ا) هالا ۾ هفتو اڳ گهرو اڻبڻت تان پاڻ ساڙيندڙ رٽائرد پوليس اهلڪار ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي. روشن پيرا ڊائيز علائقي واسي رٽائرڊ پوليس اهلڪار عبدالله مگسي هفتو اڳ گهريلو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏني هئي. زخمي کي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي. فوتي جو مڙهه ڪراچي اسپتال کان هالا لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

Bookmark the permalink.