تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

هالا ڀرسان ٻن ڀينرن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڀاءُ سوڌو 2 ڄڻا گرفتار: جاچ ۾ ڏوهه جو اعتراف

ڀينرن جو ڪردار ٺيڪ نه هو، تنهن ڪري ڪهاڙيون هڻي مارڻ پئي چاهيو: صاحب ڏنو ماڇي

سالي کي چيو ته غلطي ٿي ويندي آهي، ڀينرن کي نه مار: جوابدار جي گرفتار ڀيڻويي جو بيان

هالا (ن پ ا) هالا ڀرسان ڪردارٺيڪ نه هجڻ جو الزام هڻندي ڀاءُ هٿان زخمي ڪيل 2 ڀينرن جي حالت ڳڻتي جوڳي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ داخل، هالا پراڻا ٿاڻي جي حد اڇي مسجد ڀرسان ڳوٺ ميهار ماڇي ۾ اءُ صاحب ڏنو ماڇي پنهنجين ٻن ڀيڻن خيربانو زال فدا ماڇي ۽ هوا زال غلام حيدر ماڇي کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو هو، زخمي عورتن جي چاچي قادر بخش ماڇي جي فرياد تي نارين جي ڀاءُ صاحب ڏنو ماڇي ۽ ٻنهي نارين جي مڙسن فدا ماڇي ۽ غلام حيدر ماڇي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، قادربخش ماڇي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته نارين جي ڀاءُ صاحب ڏنو ماڇي ڀائٽين جي مڙسن جي چرچ تي ڇوڪرين کي زخمي ڪيو آهي، هالا پراڻا پوليس ڪيس جي مک جوابدار ۽ نارين جي ڀاءُ صاحب ڏنو ماڇي ۽ ان جي ڀيڻوئي غلام حيدر ماڇي کي گرفتار کي گرفتار ڪري ورتو.
جوابدارن جو وڊيو بيان
زخمي نارين جي ڀاءُ صاحب ڏنو بيان ڏيندي چيو ته مون پنهنجي ڀينرن کي پاڻ ڪهاڙيون هنيون آهن، هُنن جو ڪردار ٺيڪ نه هو، اسان کي مائٽن ۾ بدنام ڪري رهيون هيون، پيءُ جي عزت نه پيون ڪن، هُن چيو ته چئي چئي ٿڪجي پياسين پر نه سڌريون، واقعي ۾ مون سان ڪو به گڏ ڪونهي، آئون اڪيلو آهيان، 5، 6 ڀيرا هُنن کي سمجهايو پر نه مڙيون ان کانپوءِ ٻنهي کي ڪهاڙيون هنيون، گرفتار ڪيل ٻي جوابدار غلام حيدر ماڇي چيو ته مون صاحب کي سمجهايو ته نه مار ڀينرن کي، انسان آهن، غلطيون ڪنهن کان به ٿي سگهن ٿيون، صاحب ڏنو نه مڙيو، منهنجي گهر واري کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي به ڌڪا ڏنا.

Bookmark the permalink.