تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

هالا پوليس جي ڪچي شراب جي ڀٺين تي ڇاپو، 15 سئو ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي هالا پوليس جي ڳوٺ پيرن جون لانڍيون ۾ ڪارروائي

هالا (رپورٽر) ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ضلعي ۾ پوليس آفيسرن کي ڪچو شراب ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. جنهن تي سي آءِ اي پوليس ۽ ڊي ايس پي هالا مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ پيرن جون لانڍيون ۾ ڪاروائي ڪندي ڳوٺ ۾ موجود مختلف گهرن ۾ ٺهيل شراب جي بٺين تي تان 15 سئو ليٽر کان وڌيڪ تيار ٿيل ڪچو شراب هٿ ڪيو. پوليس جي چڙهائي دوران گهرن ۾ موجود عورتن پوليس سان سخت مزاحمت ڪندي مرد جوابدارن کي ڀڄائي ورتو. پوليس ڪاروائي دوران ستن ڄڻن کي گرفتار ڪري هالا پراڻا ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.