تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

هالا واسي پوليس آفيسر ڪرونا سبب آئيسوليشن وارڊ داخل

هالا (رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) هالا جي گلشن فهيم ڪالوني جي رهواسي سجاول ۾ مقرر اي ايس آءِ ساجن ڳاهوٽي کي ڊيوٽي دوران زڪام، بخار، کنگهه جي شڪايت بعد ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ سجاول جي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪرائڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو هالا پوليس کي هدايتون جاري ڪندي سندس گهر ڀاتين کي فوري طور تي آئسوليشن لاءِ چيو. ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ پوليس آفيسر ساجن ڳاهوٽي جي گهر پهچندي اهلڪار جي گهرواري، ننهن ۽ ٽن پٽن کي 10 ڏينهن لاءِ آئسوليشن ۾ ۾ رکندي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي سختي منع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ تعلقي اسپتال هالا جي ڊاڪٽر سيمي ڪاڪا ٻڌايو ته سجاول جي آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل اهلڪار جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد سندس خاندان جي فردن جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون.

Bookmark the permalink.