تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

هالاڻي ڀرسان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

هالاڻي (ن پ ا) هالاڻيءَ ويجهو فائرنگ ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن بعد سڱاوتي تڪرار تان مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ محمد ايوب لاشاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن محمد خان لاشاري جي گهر تي حملو ڪري پيءُ ۽ پٽ سميت 4 ڄڻن کي قتل ۽ 3 ڄڻن کي زخمي ڪيو هو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 3 جوابدار به مارجي ويا هئا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 3 ڄڻن کي نوابشاهه اسپتال داخل ڪرايو ويو هو، جن مان محمد عليم لاشاري زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي، نوابشاهه اسپتال جي انتظاميا موجب باقي 3 زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جن جي طبعيت ۾ آهستي آهستي سڌارو اچي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.