تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل سيال جي گهرن تي ڇاپن کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو، 12 نومبر تائين نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪنهن جي گهر تي سرچ وارنٽ بنا ڇاپو هڻي، نيب ڪنهن جي گهر وڃي، بنا سبب عورتن کي هراسان ڪري نٿو سگهي، هن وڌيڪ چيو ته نيب اهلڪارن کي گهرجي ته اهي ڇاپن دوران پاڻ سان گڏ عورت پوليس اهلڪارن کي به وٺي وڃن، نيب کي سوسائٽي ۽ انهي جي قدرن جو به خيال ڪرڻ گهرجي. ڪالهه جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال پنهنجي گهر تي نيب جاڇاپا روڪڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ضمانت تي هجڻ باوجود نيب پاران مسلسل گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيب عملي کي گهرن تي ڇاپا هڻڻ ۽ هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي، جنهن تي عدالت نيب کي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران سهيل انور سيال جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب سهيل سيال جي مرحوم والد، چاچي ۽ ٻين مائٽن جي گهرن تي بنا سرچ وارنٽ جي ڇاپا هڻي عورتن کي هراسان ڪيو. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سهيل انور سيال ۽ ٻين خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي، جوابدارن جي ملڪيتن جي قيمتن جو ڪاٿو لڳائڻ باقي آهي، جنهن بعد عدالت سهيل انور سيال، ظفر سيال ۽ جميل سومرو جي ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي صوبائي وزير سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت نيب اختيارين کي بنا سرچ وارنٽ جي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير چيو ته انڪوائري کي 2 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن پر هن وقت تائين منهنجي خلاف نيب ڪو به ثبوت پيش ڪري ناهي سگهي، نيب اڄ به عدالت ۾ ڪجهه ناهي ٻڌايو ته انهن کي ڇاپن دوران ڪهڙا دستاويز مليا آهن؟ پ پ اڳواڻ چيو ته نيب اختيارين منهنجي چاچي جي گهر تي به ڇاپو هنيو هو، نيب جنهن زمين ۽ گهر جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اها اسان جي خانداني ملڪيت آهي، هاڻ اهو لڳي رهيو آهي ته مونکي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو وڃي، هن چيو ته آئون قانون جو احترام ڪندو آهي، اهو منهنجو حق آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.