تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نيپرا 8 مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 98 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري

ٽن مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي

جنوري 2020 جي فيول پرائيس تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 11 پيسا مهانگي ڪئي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب 5 مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو ، جڏهن ته ٽن مهينن جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو ته صارفين کان سيپٽمبر 2020 جي بجلي جي بلن ۾ وصولي ڪئي ويندي، ڊسمبر 2019 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 88 پيسا مهانگي ڪئي وئي، ڊسمبر جي مد ۾ اضافو به سيپٽمبر 2020 جي بجلي جي بلن ۾ هوندو. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب جنوري 2020 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 11 پيسا مهانگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جنوري جو اضافو آگسٽ جي بجلي جي بلن ۾ ٿيندو. فيبروري 2020 جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جو في يونٽ هڪ روپيو 20 پيسا مهانگي ڪئي وئي، فيبروري جي مد ۾ اضافو آگسٽ مهيني جي بجلي جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو . نوٽيفڪيشن موجب جون جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ هڪ روپيو 5 پيسا سستي ڪئي وئي آهي ۽ جون مهيني جو رليف صارفين کي سيپٽمبر جي بجلي جي بلن ۾ ڏنو ويندو.

Bookmark the permalink.