تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

نيپال جي حمايت تي منيشا ڪوئرالا کي ڀارت مان نڪرڻ جا طعنا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سرحدي تڪرار تي ڀارت بدران پنهنجي اباڻي ملڪ نيپال جي حمايت ڪرڻ تي بالي ووڊ اداڪارا 49 سالن جي منيشا ڪوئرالا کي ڀارتي شهرين هندستان ڇڏي وڃڻ جا طعنا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. منيشا ڪوئرالا جو واسطو نيپال سان آهي، منيشا جو پيءُ نيپال ۾ وزير ۽ ڏاڏو 1950ع جي ڏهاڪي ۾ نيپال جو وزيراعظم رهي چڪو آهي. منيشا به ڪٽنب جيان سياست ۾ سرگرم آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب منيشا ڪوئرالا نيپال جي پرڏيهي وزير پرديپ گياولي جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي لکيو ته کيس اميد آهي ته ڀارت، نيپال ۽ چين پنهنجي سرحدي تڪرار کي سٺي نموني حل ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن نيپال جي پرڏيهي وزير جا نيپال جي قوم جو ڪيس بهادري سان وڙهڻ تي ٿورا مڃيا. منيشا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪابه سياسي ڳالهه نه ڪئي پر رڳو نيپالي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃڻ تي ڀارتي شهرين کيس طعنا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ کيس ڀارت ڇڏڻ جو چيو. ماڻهن جو ٽوئيٽس ۾ چوڻ هو ته جيڪڏهن منيشا کي ڀارت ۾ رهڻ ايترو برو لڳي ٿو ته هتان نيپال هلي وڃي ۽ اتي وڃي پيسا ڪمائي. ڪيترن ماڻهن اداڪارا کي ياد ڏياريو ته ڀارت جي فلم انڊسٽري ئي سندس سڃاڻ آهي ۽ هاڻي کيس شرم ئي نه پيو اچي جو هو ڀارت خلاف ڳالهائي رهي آهي. هوڏانهن اداڪارا ڪنهن کي جواب ناهي ڏنو. ڀارت جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سوشما سوراج جي مڙس سوراج ڪشال به اداڪارا کي سرحدي تڪرار جي تاريخي پس منظر کان آگاهه ڪيو.

Bookmark the permalink.