تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

نيو سعيد واسڻ عورت ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت

نيو سعيد آباد (ن پ ا) نيو سعيد واسڻ عورت ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت ٿي وئي، اباڻي ڳوٺ ۾ايس او پيز تحت تدفين ڪئي ويندي. پنج مورو واري علائقي جي رهواسي ملوڪ عمراڻي جي گهرواري ڪورونا وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ڪورونا وگهي فوت ٿيل 80 ورھين جي عورت جي تدفين نيو سعيد آباد ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ ۾ايس او پيز تحت ڪئي ويندي. وائرس وگهي فوت ٿيل عورت کي 5 ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد ڪراچي جي اسپتال داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته مٽياري ضلعي ۾وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.