تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

نيو سعيد آباد ٿاڻي تي پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل

نيو سعيد آباد (ن پ ا) نيو سعيد آباد ٿاڻي تي پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي جو چوڻ آهي ته وردي پهريل اهلڪار چئن هٿياربند ساٿين سميت کائنس ڦرلٽ ڪئي. عدالتي حڪم بعد نيو سعيد سعيدآباد ٿاڻي تي پوليس اھلڪار عمر سولنگي سميت چئن جوابدارن خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي امير بخش سولنگي ڪيس ۾ڄاڻايو آهي ته راھوجا موري وٽ وردي پهريل پوليس اھلڪار عمر سولنگي هٿياربند ساٿين سميت کائنس ڦرلٽ ڪئي. فريادي موجب پوليس اهلڪار ۽ هٿياربند کائنس موٽرسائيڪل، سونو لاڪيٽ ۽ 40 هزار رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. فريادي ڪيس ۾ڄاڻايو آهي ته اھلڪار عمر سولنگي کي وردي پهريل هئي ۽ 3 ڦورن وٽ پسٽل هئا.

Bookmark the permalink.