تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

نيو سعيد آباد جي اسپتال ۾ پيٽ جي تڪليف سبب آندل معصوم ٻار مبينا طور مدي خارج انجيڪشن لڳڻ ڪري حياتي وڃائي ويٺو

پٽ کي پيٽ ۾ تڪليف هئي، ڊاڪٽر انجيڪشن لکي ڏني، اها وٺي آيس: بشير لاکو

ڊسپينسر انجيڪشن لڳائي ته پٽ جي حالت خراب ٿي وئي ۽ پوءِ فوت ٿي ويو: نينگر جو پيءُ

نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعد آباد ۾ مبينا طور مدي خارج انجڪيشن لڳڻ بعد ري ايشن جي نتيجي ۾ معصوم نينگر حياتي وڃائي ويٺو. ريلوي ڪالوني جي رهواسي بشير احمد لاکو موجب هو پنهنجي 14 ورهين جي پٽ علي شير کي پيٽ ۾ تڪليف سبب ميميورئل اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽر مشتاق علي ميمڻ انجيڪشن لکي ڏني. هن ٻڌايو ته هو جڏهن اسٽور تان انجيڪشن وٺي آيو ۽ ڊسپينسر پٽ کي لڳائي ته فوري طور سندس حالت خراب ٿي وئي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر کي آگاهه ڪرڻ باوجود هن سستي جو مظاهرو ڪيو ۽ پوءِ چيو ته مريض کي نوابشاهه کڻي وڃو. بشير لاکو ٻڌايو ته پٽ کي فوري طور نوابشاهه کڻائي آئيس پر هو فوت ٿي ويو. رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ فون اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندس موقف موقف نه ملي سگهيو.

Bookmark the permalink.