تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 49 نوان ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 194 ٿي ويو *عمرڪوٽ ۾ وڌيڪ 73 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، انگ 438 ٿي ويو*
  • *دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي،اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻيا پيش *ڪيس ۾ عابد قائمخاني جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *سمورن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي: عدالت جو حڪم *
  • *لاڙڪاڻو: شيخ زيد اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام *ڪالهه معصوم ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن پاران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي: وارث *
  • *ڊي سي دادو مساڻ جي زمين تي قبضي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، روينيو ٽيم پاران زمين جي ماپ *روينيو ٽيم هندو پنچائت جي مکي گرمک داس سان گڏ مساڻ واري هنڌ پهچي زمين جي ماپ ڪئي *ماپ دوران مساڻ جي هڪ ايڪڙ زمين تي قبضي جي نشاندهي *
  • *اسلام آباد: احتساب ڪورٽ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف داخل ڪيل نيب ريفرنس ۾ اڳڀرائي *نامزد جوابدار اڳوڻي سيڪريٽري قانون ارشد فاروق فهيم جي بريت جي درخواست رد *احتساب عدالت پاران جوابدار ارشد فاروق خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو فيصلو *جوابدار تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 57 ڪيس پازيٽو اچي ويا،انگ وڌي 897 تي ويا *سانگهڙ ضلعي ۾ 9375 ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا: انتظاميه*
  • *نندو ويجهو دڪان کي باهه، زرعي ڀاڻ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو *ڳوٺ اولياءُ راڄسين ۾ امين ملاح جي دڪان کي باهه وڪوڙي ورتو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 23 ڪيس ظاهر *ميرپورخاص ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 848 ٿي ويو *
  • *سکر ۾ مقامي سطح تي وڌندڙ ڪورونا ڪيسز وارو معامرو، مختلف علائقا سيل ڪيا ويا *ضلعي انتظاميا سکر، صالح پٽ ، روھڙي ۽ پنوعاقل جا وڌيڪ علائقا سيل ڪري ڇڏيا* جتي وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي: ڊي سي سکر*
  • *اسلام آباد احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۽ پارڪ لين ڪمپني ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پارڪ لين ريفرنس خارج ڪرڻ واري درخواست تي دليل جاري نيب قانون مطابق آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪري ها؟ وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 208 ٿي ويو *متاثرن کي پنھنجن گهرن ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي: ضلعي انتظاميا *
  • *ميرپورخاص ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت *اميدن بري درگاهه وٽ سائيڪل تي ويندڙ 14ورهين جي وشال ڀيل ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت *نينگر جو لاش اسپتال منتقل، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي ويو *
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارو نيب ريفرنس *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي *سکر: احتساب عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ ڪري چوٿون ڀيرو ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي *خورشيد شاهه گذريل ٻن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي: خورشيد شاهه جو وڪيل *

واهي پانڌي واقعو: ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر حيدرآباد دادو پهچي ويا

سنڌ سرڪار ڊي سي دادو جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب: ذريعا

دادو/جوهي/واهي پانڌي (رپورٽ: فتاح شيخ/حاڪم لغاري/عابد لاشاري) واهي پانڌي ۾ نينگري گُل شمع جي واقعي جي جاچ جي حوالي سان ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر حيدرآباد دادو پهچي ويا. سنڌ سرڪار واهي پانڌي جي پهاڙي علائقي ۾ نينگري گل شمع واري مامري تي ڊي سي دادو شاهزمان کهڙو جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي دادو طرفان اُماڻيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نينگري گل شمع کي سنگسار ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به شاهديون نه مليون آهن، علائقي واسي واقعي کي حادثو قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ٻڌايو ته نينگري جي مٿان جابلو پٿرن جي ڀِڪ ڪري پئي هئي. اهڙي رپورٽ رد ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار جي هدايتن تي ڪمشنر حيدرآباد جوهي پهچي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي وئي آهي ته علائقي جو دورو ڪري نينگري شمع گل جي واقعي جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪري.
ڊي آءِ جي حيدرآباد به دادو پهچي ويو: ايس ايس پي موجود ناهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي دادو واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊي ايس پي جوهي ۽ ايس ايڇ او واهي پانڌي طرفان بنا ٻڌائڻ يا آگاهه ڪرڻ جي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي دادو ذاتي مصروفيتن سبب موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ واپس اچي ويندو.اڄ به جڏهن ڊي آءِ جي حيدرآباد دادو پهتو آهي ته ايس ايس پي موجود نه آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد نينگري گل شمع جي جنازي نماز پڙهندڙ مولوي جي والد ۽ ڪيس ۾ ضمانت مليل تاج رستماڻي کي دادو گهرائي ورتو آهي، کانئن واقعي جي حوالي سان سوال جواب ڪيا ويندا.

Bookmark the permalink.