تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

نينگري پناهه لاءِ ڪوٽڙي ٿاڻي تي پهچي وئي، سڃاڻپ سواليه نشان بڻيل

سڳي امڙ جي وڇوڙي ۽ ويڳي ماءُ جي بدترين تشدد جو داستان بيان ڪندي نينگري روئيندي رهي

نينگري نصيبان پنهنجي ذات رند مڃڻ کان به انڪاري، اصل ٺل جا آهيون، بعد ۾ مائٽ حيدرآباد ۾ اچي رهيا

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ)ٺل واسڻ 17 سالن جي نينگري نصيبان مبينا طور قيد مان ڀڄي ڪوٽڙي ٿاڻي تي پناھ وٺڻ لاء پهچي وئي. نينگري ننڍي هوندي ماءُ جي وڇوڙي جو داستان ٻڌائيندي زارو قطار روئندي رهي ۽ ويڳي ماءُ جي بدترين تشدد جو دانهون ڪندي پناھ لاءِ ڪوٽڙي ٿاڻي تي پهچي وئي. ڪوٽڙي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪوٽڙي ٿاڻي تي پهتل نصيبان دانهون ڪندي چيو ته ننڍي هوندي منهنجي ماءُ سڪينه بابت بابا ٻڌايو ته هو فوت ٿي وئي آھي. ان کان پوءِ ويڳي ماءُ شبيران ننڍي هوندي کان تشدد ڪندي هئي پر اڳتي هلي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ اتان ڀڄي اچي هڪ گهر ۾ پناھ ورتم، هاڻ ٿاڻي تي پهتي آهيان. مائٽن وٽ نٿي وڃڻ چاهيان هو ماري ڇڏيندا. نينگري پنهنجي ذات رند مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان اصل ٺل جا آهيون، خبر ناهي ٺل ۾ گهر ڪٿي آھي پر ننڍي هوندي مون کي خبر هئي ته اسان جو ڳوٺ ٺل آھي، اتان مائٽ حيدرآباد اچي ترسيا هئا. نينگري رند ذات کان به انڪاري آھي. اهڙا سوال سامهون اچڻ کان پوءِ نينگري نصيبان جي اصل سڃاڻپ وارو مامرو سواليا نشان بڻجي ويو آھي. ٿاڻي تي پهتل نينگري جي والد پسند رند ۽ سندس ڀاءُ چاڪر جو چوڻ هو ته نينگري جو دماغي توازن درست ناهي، ان ڪري تشدد جون ڪوڙيون ڳالهيون پئي ڪري ۽ هاڻ هوءَ گهر هلڻ لاء به راضي آهي پر پوليس سڀاڻي نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو چيو آهي. ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ رابطو ڪرڻ تي چيو ته نينگري جي اصل وارثن بابت ڄاڻڻ لاء جاچ ڪنداسين ضرورت پئي ته نينگري جي وارثي جي دعوا ڪندڙن جي ڊي اين به ڪرائڻ لاءِ به عدالت کي درخواست ڏبي. نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪنداسين، عدالت جيڪو فيصلو ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو، نينگري جي اصل حقيقتون ڄاڻڻ لاء جاچ ڪنداسين.

Bookmark the permalink.