تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

نينگري جي سنگسار جا ثبوت نه مليا: راند ڪندي شمع کي مٿي ۾پٿر لڳو: ساٿي ٻارڙا

پوليس جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي کي ساڻ ڪري ڳوٺ شاهي مڪان پهتي، ٻارڙن کان بيان ورتا ويا

والدين کان به 24 ڪلاڪن کان جاچ ۾ قتل بابت ڪو اعترافي بيان نه آيو، نينگري جي ماءُ پيءُ کان ڌار ڌار پڇا ڳاڇا

دادو/واهي پانڌي (رپورٽ: فتاح شيخ+ عابد لاشاري)واهي پانڌي پوليس کي جاچ ۾ نينگري گل شمع جي قتل واقعي جو سراغ نه مليو ، ڳوٺ شاھ مڪان پهتل واهي پانڌي پوليس کي ٻارڙن ٻڌايو ته هوراند کيڏي رهيا هئا ته مٿان جبل تان ڪريل پٿر گل شمع کي لڳو ، مقتول نينگري جي ماءُ ليلان کي جاچ لاءِ ليڊيز پوليس حوالي ڪري دادو پهچايو ويو، نينگري جي پيءُ کي به جوهي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. واهي پانڌي پوليس پاران سوشل ميڊيا تي واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ شاھي مڪان ۾ 9 سال جي نينگري گل شمع رند کي سنگسار ڪري قتل ڪرڻ واري پوسٽ کي جواز بڻائي نينگري جي پيءُ علي بخش رند، جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي سميت 5 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتاريون ڪرڻ وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو آهي. ڪالهه ڊي ايس پي جوهي پير بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ واهي پانڌي پوليس 9 سال جي گل شمع جي جنازي نماز پڙهائيندڙ مولوي ممتاز لغاري کي ساڻ ڪري شاهي مڪان پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو جتي پوليس کي رت جا نشان مليا ۽ اهلڪارن اتي موجود ٻارڙن کان واقعي بابت پڇا ڪئي، جن اهلڪارن کي ٻڌايو ته هو اتي راند کيڏي رهيا هئا ته مٿان جبل تان پٿر ڪريو جيڪو گل شمع کي لڳو ۽ هوءَ فوت ٿي وئي جنهن کانپوءِ پوليس نينگري گل شمع جا واقعي واري وقت پاتل ڪپڙا وارثن کان وٺي نينگري جي پيءُ علي بخش رند ۽ ماءُ ليلان کي ٻي معصوم ڌيءُ سميت حراست ۾ وٺي واهي پانڌي ٿاڻي تي آڻي کائن 24 ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي پوءِ به پوليس کي نينگري کي قتل ڪرڻ جو ڪو به سراغ نه ملي سگهيو آهي. پوليس ذريعن موجب گل شمع جي ماءُ ليلان کي معصوم ڌيءُ سميت وڌيڪ پڇا لاءِ ليڊيز پوليس حوالي ڪري دادو منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب نينگري جي پيءُ علي بخش کي پڻ جوهي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي. دادو پوليس کيرٿر جي علائقي شاهي مڪاني ۾ مبينا سنگسار ڪيل نينگري جي قبر ڪشائي لاءِ عدالت کي درخواست ڏئي ڇڏي مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ نينگري جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ٻئي نينگري جي قبر تي پھري لاءِ پنج اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. واهي پانڌي پوليس پاران سرڪاري مدعيت ۾ گل شمع جي قتل جي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ جوابدار طور نامزد ڪيل تاج محمد رستماڻي ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا آهن پر آخري اطلاعن وڌيڪ ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.



Bookmark the permalink.