
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄام خان شورو سوڌو 14 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير جي ضمانت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو سوڌو 14 جوابدارن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دورا عدالت نيب اختيارين کان پُڇيو ته جوابدارن خلاف جاچ ڪٿي پهتي؟ جنهن تي نيب جي جاچ ٽيم ڄام خان شورو ۽ ٻين خلاف داخل ٿيل ريفرنس بابت عدالت کي آگاهي ڏني.
نيب اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين خلاف جاچ مڪمل ڪري ريفرنس منظوري لاءِ اسلام آباد هيڊڪوارٽر ڏانهن اُماڻيو آهي، هيڊڪوارٽر مان جواب اچڻ تائين ملهت ڏني وڃي.
عدالت نيب اختيارين کي مهلت ڏيندي 28 جنوري تائين ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڄام خان شورو ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 28 جنوري تائين واڌ جي منظوري ڏني.
واضح رهي ته ڄام خان شورو خلاف غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ سندس مبينا فرنٽ مين محمد بچل، اصغر ميمڻ، محمد حسين، امتياز علي، شاهنواز سومرو، فدا حسين، سبحان علي، عبدالمالڪ کتري، محمد انور، ذيشان قريشي ۽ اختر علي کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.