تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

نيب کي قاعدن ۽ ضابطن جي تياري لاءِ 6 هفتن جي مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب جي قائدن ضابطن واري معاملي تي نيب کي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 6 هفتن جو وقت ڏئي ڇڏيو ڪالھه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ نيب رولز متعلق پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل اصغر حيدر پيش ٿي عدالت کي آگاهي ڏني ته رولز تيار ڪري ان جو مسودو صدر مملڪت کي سڌو سنئون موڪليو هو جيڪو واپس ڪيو ويو ته سڌو سنئون مسودو نه موڪليو جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت ذريعي مسودو منظوري لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي ان ڪري مهلت ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر جي اهڙي استدعا منظور ڪندي عدالت ٻڌڻي ڇهن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.