تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نيب کي روڪيو: اڳوڻي آڊيٽر جنرل اڪبر سوهو جي پٽيشن رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيسز ۾ نيب انڪوائري روڪڻ بابت اڳوڻي آڊيٽر جنرل غلام اڪبر سوهو جي درخواست نيب پراسيڪيوٽر جي موقف بعد رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نيب انڪوائري ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ بعد ٻيهر پاڻ انڪوائري ڪرڻ ۾ لڳي ويو، جڏهن ته نيب کي انڪوائري ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي، جنهن تي نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي، هڪ کان وڌيڪ ماڻهن تي 100 ملين ( 10 ڪروڙن) کان به گهٽ ڪرپشن جو الزام هوندو، تڏهن به نيب کي جاچ جو اختيار آهي، واضح رهي ته اڳوڻي آڊيٽر جنرل غلام اڪبر سوهو تي ته 26 ملين ( 2 ڪروڙ ۽ 60 لک )ڪرپشن جو الزام آهي

Bookmark the permalink.