تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

نيب طرفان خورشيد شاهه جي ٻن گهر وارين ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

خورشيد شاهه جي پٽ زيرڪ شاهه ۽ ڀائٽيي جي ضمانت وارا فيصلا به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

خورشيد شاهه ۽ سندس ڪٽنب بينڪ اڪائونٽس ۾ موجود 84 هزار امريڪي ڊالرز جو حساب ناهي ڏنو:نيب

سکر (بيورو رپورٽ) نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ٻن گهر وارين ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. نيب پاران خورشيد شاهه جي پٽ زيرڪ شاهه ۽ ڀائٽيي جي ضمانت وارا فيصلا به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيا ويا آهن . نيب پنهنجي اپيل ۾ چيو آهي ته خورشيد شاهه 2005 کان 2019ع تائين آمدني کان 71 ڪروڙو رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه ۽ سندس ڪٽنب بينڪ اڪائونٽس ۾ موجود 84 هزار امريڪي ڊالرز جو حساب نه ڏئي سگهيا. خورشيد شاهه ۽ سندس ڪٽنب اڪائنٽس ۾ پيل 37 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جو به حساب نه ڏئي سگهيا آهن. نيب پاران چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن خلاف شاهدين کي نظر انداز ڪيو. نيب چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي اصل حقيقتن کي صحيح طريقي سان جائزو ناهي ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل اصولن کي به نظر انداز ڪيو. نيب استدعا ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 22 اپريل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.