تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

نيب ريفرنسز خارج ڪرڻ بابت آصف علي زرداري جي درخواستن تي اڄ فيصلو ايندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ميگا مني لانڊرنگ، پارڪ لين ريفرنس ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس خارج ڪرڻ وارين درخواستن تي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو. ڪالھه جج محمد اعظم خان جي عدالت ۾ فاروق نائيڪ درخواستگذار پاران پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ڪيس ۾چيئرمين نيب کي ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، ڇو ته ڪا به انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن نه ڪئي وئي، آصف علي زرداري کي ڪال اپ نوٽيس به جاري نه ڪيو ويو هو پوءِ به ان ريفرنس ۾ نالو شامل ڪيو ويو، صرف فوجداري قانون ۾ اڌوري چالان کانپوءِ پورو چالان جمع ڪرايو ويندو آهي. نيب قانون ۾ عبوري يا ضمني چالان جمع نٿو ڪرائي سگهجي، ان ڪري ريفرنس خارج ڪيو وڃي، اهو ريفرنس سپريم ڪورٽ جي حڪم جي به خلاف ورزي آهي، فاروق نائيڪ چيو ته عدالت پنهنجو هر حڪم سپيڪنگ آرڊر طور جاري ڪندي آهي ان ۾ سمورا سبب ڏيڻا پوندا آهن. جيڪڏھن عدالت ريفرنس کي ٻڌڻ جوڳو سمجهي ٿي ته ان جو مطلب اهو آهي ته عدالت پنهنجو مائنيڊ استعمال ڪري چڪي آهي. فاروق نائيڪ پارڪ لين ۽ ميگا مني ريفرنس خارج ڪرڻ وارين درخواستن تي به دليل ڏيندي چيو ته اهي ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهن انهن کي خارج ڪيو وڃي، نيب جي وڪيل سردار مظفر عباسي چيو ته ڪڏهن به ڪنهن قانون ۾ لکيو ناهي ويو ته ضمني ريفرنس داخل نٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ جو پاناما ڪيس ۾ واضع حڪم آهي ته ضمني ريفرنس داخل ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن به جوابدار پاران پلي بارگين ڪرڻ جو مطلب ڏوھ قبول ڪرڻ آهي جنهن کي ضمني ريفرنس ذريعي داخل ڪيو ويندو آهي. نيب پراسيڪيوٽر آصف علي زرداري کي موڪليل ڪال اپ نوٽس ڪيس جي ڪاپي پيش ڪندي چيو ته نيب مئي 2019 ۾ نوٽس موڪليو ۽ ان جو جواب طلب ڪيو جيڪو هن وقت تائين ناهي ڏنو ويو، آصف زرداري جون درخواستون خارج ڪيون وڃن، جنهن کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.