تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

نياڻين جو اسڪول کولرائڻ جي “ڏوهه” ۾ زال سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي: مڙس

ايس پي سهائي عزيز جي عورت جي مڙس سان ملاقات، پوليس گهر جا بند ڪيل رستا به کولرائي ڇڏيا

ڊي آءِ جي فون ڪري شفاف جاچ جي هدايت ڪئي آهي، جوابدارن کي بخش نه ڪنديس: سهائي عزيز ٽالپر

سجاول(رپورٽر) سجاول ڀرسان 5 ٻارن جي ماءُ سان مبينا اجتماعي لڄالٽ وارو مامرو، ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس ورتو، ايس پي سان رابطو ڪري ڄاڻ ورتي ۽ ھدايتون ڏنيون، ناري جي مڙس جي ايس پي سان ملاقات، ايس پي پوليس موڪلي متاثر ناري جي گھر جا بند ڪيل رستا کولرائي ڇڏيا. ان ڏس ۾ ڳوٺ موسيٰ لونٺيو ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ 4 جوابدارن 5 ٻارڙن جي ماءُ آپڪا اڳواڻ جي زال سڪينا لونٺيو کي يرغمال بڻائي کيس ڀاءُ آڏو لڄالٽ جو نشانو بڻايو ھو، پوليس 2 جوابدارن اسلم ۽ امين لونٺيو کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته 2 جوابدار اڃا تائين روپوش آھن. عورت جي حتمي ميڊيڪل رپورٽ به جاري نه ٿي سگھي آھي. واقعي جو ڊي آء جي حيدرآباد نوٽيس ورتو آھي ڊي آء جي حيدرآباد فون تي ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر سان رابطو ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ ھدايت ڪئي ته ڪيس جي ميرٽ تي شفاف جاچ ڪريو ڪنھن سان به نا انصافي نه ٿيڻ گھرجي، حقيقي جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي. ٻئي طرف متاثر ناري جي مڙس آپڪا اڳواڻ سومار لونٺيو ايس پي سان ملاقات ڪري کيس دانھن ڏني ته جوابدارن ۽ سندن ساٿين اسانجي گھرن جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن جنھن تي ايس پي پوليس اٽالا موڪلي رستا کولرايا. ايس پي سھائي عزيز چيو آھي ڪيس جا 2 جوابدار گرفتار ڪيا آھن ۽ فرار ٿيل جوابدارن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي متاثر عورت جي مڙس سومار لونٺيو پريس ڪلب پھچي دانهيو ته مون ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ گرلس اسڪول کولرايو ۽ 43 نياڻيون داخل ڪرايون، جوابدار ڪاوڙيل ھئا ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جي ڏوھ ۾ جوابدارن منھنجي گھر واري کي بي آبرو ڪيو آھي.



Bookmark the permalink.