تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

نوشين مبينا آپگهات واري واقعي جو ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽيس ورتو، ڪاميٽي قائم

ميرپورخاص(رپورٽ: روي شنڪر مالهي) نياڻي کي مڙس ۽ ساهرن قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي نياڻي جي قتل جو ڪيس سندس مڙس ۽ ساهرن مٿان داخل ڪري انصاف فراهم ڪي وڃي، حيدرآباد جي تعلقي هوسڙي جي ڳوٺ جاڙو پنهور واسي ڳوٺاڻي شاهنواز پنهور پاران نياڻي جي مبينا قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻي شاهنواز پنهور صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سندس نياڻي نوشين پنهور جي شادي ڏيڍ سال پهرين کاڻ ٿاڻي جي حد پراڻي ميرپورواسي آفتاب پنهور سان ڪرائي هئي، جنهن مان نياڻي کي ڏيڍ مهيني جي نياڻي پڻ آهي، جڏهن ته 5 ڏينهن پهرين نياڻي نوشين کي مڙس ۽ ساهرن پاران قتل ڪرڻ بعد واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيئي لاش اسان ڏانهن حيدرآباد روانو ڪيو ويو، والد الزام هڻندي چيو ته نياڻي خودڪشي نه ڪئي آهي، پر کيس قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته مڙس ۽ ساهرا نياڻي کي اڪثر تشدد ڪندا هئا جنهن جي ڪيترائي ڀيرا نياڻي اسان کي دانهن ڏني جنهن تي اسان ناٺي کي پڻ سمجهايو پر هو نه مڙيا نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته نياڻي جي قبر ڪشائي ڪري واقعي جو ناٺي ۽ سندس مائٽن مٿان قتل ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي خبر ميڊيا ۾ هلڻ بعد واقعي جو ايس ايس پي جاويد بلوچ نوٽيس ورتو، ايس ايس پي جاويد بلوچ پاران نوشين پنهور جي والد شاهنواز پنهور کي آفيس گهرائي ساڻن واقعي بابت تفصيل ورتا جنهن بعد ايس ايس پي پاران ايس ايچ او کاڻ کي طلب ڪري ورتو، واقعي جي جانچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي ويئي، ان موقعي تي ايس ايس پي جاويد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ڌرين کي گهرائي تفصيل ورتا ويندا جڏهن ته معاملي جي جانچ لاءِ ايس ايچ او کاڻ نور محمد شر، سي آئي اي انچارج عنايت زرداري، انسپيڪٽر طفيل مري تي ڪميٽي قائم آهي هن چيو ته ناري جي ساهرن بنا پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي لاش دفن ڪيو، جيڪو پڻ قانوني ڏوھ آهي وارثن سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو ۽ ضرورت پئي ته ناري جي قبر ڪشائي پڻ ڪئي ويندي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي نوشين جي ساهرن ٻڌايو ته ننڍين ڳالهين تي جهيڙو رهندو آهي، جذبات ۾ اچي نوشين پاڻ کي ڪمري ۾ بندي ڪري خودڪشي ڪئي، جڏهن ته وارثن پاڻ بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻائي ويا آهن، قتل جا الزام ڪوڙا آهن.

Bookmark the permalink.