تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

نوشهرو ۾ عورت جو اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽر) ڪلهوڙا اسٽيشن جي رهواسڻ مسمات فريدان راڄپر پنهنجي امڙ رشيدان راڄپر سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته 5 ممهينا اڳ منهنجي شادي ڳوٺ موسيٰ پنهور جي رهواسي مجن پنهور سان ٿي هئي پر هو لڳاتار مون کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو جنهن تي بيزار ٿي مون طلاق ورتي پر ان جي گهر ۾ پيل پيٽي، ڪپڙا، بسترا ۽ تقريبن 80 هزار رپين جي ڏاج جو سامان واپس نه ٿو ڪري، ڏاج واپس گهرڻ تان هٿياربند ماڻهو موڪلي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.