تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺاڻن جو نوجوان جي بازيابي لاءِ مظاهرو

نوشهروفيروز(رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ نيو صالح پور مان مبينا طور اغوا ٿيل رستم ڪلھوڙو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دين محمد، امام علي، ديدار علي، گلزار، عبداللطيف، ظھور احمد، محراب ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته ديهه صالح پور ۾ سندن ابي ڏاڏي جي زمين آھي. جنھن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جوابدارن غلام رسول، مولابخش، علي نواز، خدا بخش، وزير ۽ سرور ڪلھوڙي ۽ ٻين اسان جي نوجوان رستم کي اغوا ڪري غائب ڪري ڇڏيو آھي ۽ نوجوان جي اغوا جو ڪيس پپري ٿاڻي تي داخل آھي ۽ 15 ڏينھن گذرڻ باوجود به سندس ڪٿي به ڏس پتو نه ٿو ملي، جنھن ڪري کين خدشو آهي ته سندن نوجوان کي قتل ڪري لاش غائب ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته پپري پوليس جوابدارن جي ڌر بڻجي ويو آهي جنھن ڪري جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. ھنن چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.