تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

نوشهروفيروز ۾ ٻاڪري مال ۾ بيماري: 10 ٻڪريون مري ويون: احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ ٻاڪري مال ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي، ٻڪرار جون 10 ٻڪريون مري ويون، ٻڪرار بيمار ٻڪري ساڻ ڪري پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي احتجاج ڪيو، ٻڪرار دانهيندي چيو ته بيمار ٻڪرين جو علاج نٿو ڪيو وڃي، 10 ٻڪريون مري ويون آهن، وڌيڪ ٻڪرين کي به خطرو آهي، ٻڪرين کي پراسرار بيماري لڳي آهي جنهن جي اڃا تائين ڪوبه سڃاڻپ ناهي ڪري سگهيو. هن چيو ته هن جون ٻڪريون پهريان گگهه ڳاڙين ٿيون ۽ پوءِ بيهوش ٿي ڪري پون ٿيون ۽ مري وڃن ٿيون. سخت پريشان آهن، ٻاڪري مال ۾ پيدا ٿيل بيماري جو خاتمو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.