تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

نوشهروفيروز ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، 2 عورتون زخمي

نوشهروفيروز(رپورٽر) ڳوٺ نم وارا کوسا ۾ ھٿياربندن ڳوٺاڻي محمد تڳيل کوسي جي گھر تي حملو ڪري سندس ٻن عورتن مسمات نصيبان ۽ مسمات حاجاڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو آھي. زخمي عورتن کي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻي محمد تڳيل کوسي ۽ طارق کوسي دانھيندي چيو آهي ته جوابدارن علي اڪبر، رجب علي، نويد ۽ صحبت علي ۽ ٻين سندس گھر تي حملو ڪري سندن عورتن کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو آھي. ابڙان پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي جنھن ڪري جوابدارن مان کين سخت خطرو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.