تازا ترين
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

نوشهروفيروز: ڳوٺاڻن جو مک جوابدارن تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

نوشهروفيروز (رپورٽر) محبت ديرو ڀرسان ڳوٺ ڪِڪو شاهه جي رهواسين پاران نوجوان جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي ايف آءِ آر ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ سيد محبوب شاهه، سيد قربان شاهه، سيد نظير شاهه، سيد برڪت علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن مهيني جو 3 تاريخ تي اسان جو نوجوان ڀاءُ سيد فيروز علي شاهه گم ٿي ويو هو جنهن جو ٽن ڏينهن کانپوءِ باغ مان لاش مليو. محبت ديرو جو ايس ايچ او قتل ۾ ملوث اصلي جوابدارن گلشير مري، عارب مري، بشير مري، غلام مصطفيٰ مري، ممتاز مري ۽ 2 نامعلوم ماڻهن کي بچائڻ لاءِ اسان وارثن کان پڇڻ بغير ۽ 10 لک رپيا رشوت عيوض پنهنجي مرضيءَ جي ايف آءِ آر ڪاٽي ڇڏي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن ڊِي آءِ جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث مُک جوابدرن کي ايف آءِ آر ۾ داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Bookmark the permalink.