تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

نوري آباد ويجھو ڌار ڌار روڊ حادثا، ھڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو ٽن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب موٽروي تي ٽرڪ ۽ ٽرالر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور محمد الياس ڊوگر موقعي فوت ٿي ويو، فوتي جو تعلق پنجاب جي شهر سيالڪوٽ جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ڪار سوار ٻه ڄڻا منصور علي ڏاھري ۽ واحد بخش سولنگي شديد زخمي ٿي پيا. هوڏانهن موٽر سائيڪل سوار عبدالرزاق کي نامعلوم گاڏي ٽڪر ھنيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.