تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

نوري آباد وٽ هيانءُ ڏاريندڙواقعو:سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي حادثي بعد باهه:13 مسافر اجل جو شڪار، 5 ڄڻا سڙي زخمي:بلاول پاران ڏک جو اظهار

پوليس سميت ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو

وڏي وزير مراد علي شاهه، ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پاران واقعي جو نوٽيس: زخمين کي سهولتون ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوري آباد ويجهو مسافر وين کي حادثي بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 13 مسافر اجل جو شڪار ۽ 5 زخمي ٿي پيا، وڏي مراد علي شاهه ۽ ٽرانسپورٽ وارَي وزير اويس قادر شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جوکيا موڙ وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن کي باهه لڳي وئي. باهه واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو . موٽر وي ترجمان موجب سڙي تباهه ٿي ويل وين مان 13 لاش ۽ 5 زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ معصوم ٻار کي به زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، وين ۾ 18 مسافر سوار هئا. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته تيز رفتاري سبب ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب وين سان حادثو پيش آيو، موٽروي جون ٽيمون دير سان پهتيون. اويس قادر شاهه چيو ته وينن مان سلينڊرز ڪڍڻ لاءِ مهم هلائڻ سان گڏ سخت ڪارروايون جاري آهن، نوري آباد سانحي جَي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، سيڪريٽري صحت کي زخمين کي فوري طور طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.