تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

نوان جتوئي ۾ رولو ڪتن 6 معصوم ٻارڙن کي ڏاڙهي وڌو، ويڪسين اڻلڀ

نوان جتوئي (ن پ ا) ڳوٺ محمد بخش سنديلو ۾ ڇتن ڪتن ۽ رولو ڪتن حملو ڪري فاطمه ، اصغر ، رضوانه سنديلو سميت ڇهن معصوم ٻارن، ٽن مينھن ۽ ٻن گڏھن کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمين کي مورو تعلقه اسپتال آندو ويو جتي زخمين جي مرھم پٽي ڪري بچاء واري ويڪسين لڳائڻ بنا واپس موٽايو ويو. اسپتال مان ڇتي ڪتي جي چڪ کان بچاء جون ويڪسين نه لڳائڻ خلاف ڳوٺاڻن محمد بخش، نور محمد، قربان سنديلو ۽ ٻين نوان جتوئي مورو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري اسپتال انتظاميه خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڇتي ڪتي جي ويڪسين ٻارڙن کي لڳائي اسپتال انتظاميا خلاف جاچ ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.