تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

نواز ليگ ۾ قيادت جي تبديلي جون ڳالهيون هلن پيون: فواد چوڌري

لاهور (بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي تقرير بعد نواز ليگ ۾ قيادت جي تبديلي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، نواز ليگ جو خيال هو ڊيل ٿي ويندي پر ڊيل نه ٿيڻ تي اهي سڀ رڙيون ڪري رهيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ”پ پ ۽ ن ليگ جو جنم مارشل لا جي ڪُک مان ٿيو، عمران خان کانسواءِ هر پارٽي ڊڪٽيٽر جي دور جو حصو رهي چڪي آهي. هن چيو ته نواز ليگ جو جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چئي ٿو اهي سڀ سازشون شهباز شريف کي گلگت بلتستان ۾ چونڊن کان اڳ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جڏهن ته شهباز شريف انهن علائقن ۾ ڪڏهن ويو ئي ناهي، هو گلگت بلتستان جي ماڻهن لاءِ اجنبي آهي. هن چيو ته ن ليگ قائد نواز شريف طرفان فوج تي تنقيد کانپوءِ ليگي ڌڙي ۾ سنجيده بحث شروع ٿي ويو آهي، جيڪو قيادت جي تبديلي بابت آهي، نواز شريف جي تقرير ٻڌي سڀ کان وڌيڪ اعتراض ۽ ڏک نواز ليگ ڪارڪنن کي ٿيو، اميد ته ن ليگ ڪارڪن شريف خاندان کان جلد جان ڇڏائيندا ۽ نئين مسلم ليگ ٺاهيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جدوجهد ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل آهي پر پ پ ۽ ن ليگ جو جنم مارشل لا جي ڪُک مان ٿيو آهي، عمران خان ڪنهن مارشل لا جو حصو نه رهيو ۽ اهو ئي جمهوري ليڊر آهي. اسان عدليا ۽ فوج جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، انهن سان اختلاف ناهيون ڪندا.

Bookmark the permalink.