تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

نواز شريف لنڊن مان اوهان جو سياسي جنازو ايندو، نواز ليگ ملڪ دشمن پارٽي آهي، پابندي لڳائي وڃي: شيخ رشيد

نواز شريف جو حشر متحده باني جهڙو ٿيندو ۽ هو عالمي ايجنڊا تحت راند کيڏي رهيو آهي

هن ملڪ جي جمهوريت فوج جي ڪري آهي، ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ته طوفان اچي ويو

لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير شيد رشيد جو چوڻ آهي ته نواز شريف جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي، نواز شريف لنڊن مان اوهان جو سياسي جنازو ايندو، نواز ليگ ملڪ دشمن پارٽي آهي، پابندي لڳائي وڃي، نوازشريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، نواز شريف اشتهاري ڏوهاري آهي، ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿو، هن ملڪ جي جمهوريت فوج جي ڪري آهي، ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ته طوفان اچي ويو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته شهزاد اڪبر به چيو ته ها ملاقات ٿي، نواز شريف عالمي ايجنڊا تحت راند کيڏي رهيو آهي، هيلٿ ڪارڊ جي خوشخبري ڏئي رهيا آهيون، پي ڊي ايم جلسي تي لکين رپيا خرچ ڪيا ويا، نواز شريف جو حشر متحده باني جهڙو ٿيندو.

Bookmark the permalink.