تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

“نواز شريف ضمانت جو حقدار ناهي” پنجاب حڪومت پاران ڪارروائي جي سفارش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب حڪومت اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي خلاف العزيزيه ڪيس ۾ ٿيل ضمانت واري معاملي تي نيب ۽ وفاقي حڪومت کي تفصيلي آگاهه ڪندي مناسب ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پنجاب جي هوم ڊيپارٽمينٽ قانون واري وفاقي وزارت ۽ ڊي جي نيب کي خط لکي چيو آهي ته نواز شريف نمائندي عطا تارڙ 14 جنوري 2020 تي نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي هئي، رپورٽون بعد ۾ پنجاب حڪومت جي ميڊيڪل بورڊ کي اماڻيون ويون، ان رپورٽن تي بورڊ ڪيترائي سوال اٿاريا، بورڊ 17 جنوري تي موڪليل رپورٽ کي رڪارڊ جو حصو نه بڻايو 18 جنوري تي تازين رپورٽن بابت نواز شريف کي خط لکيو ويو وري 29 جنوري تي کيس ياد ڏيارڻ لاءِ خط لکيو ويو، 6 فيبروري تي ڊاڪٽر عدنان کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، 21 فيبروري تي ڊاڪٽر عدنان ويڊيو لنڪ ذريعي بورڊ آڏو پيش ٿيو ان ۾ به نواز شريف جون رپورٽون پيش نه ڪيون ويون پوءِ 25 فيبروري تي صوبائي ڪابينا آڏو مسئلو رکيو ويو جنهن تي ڪابينا نواز شريف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو، ميڊيڪل رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي ان ڪري نواز شريف ضمانت ۾ توسيع جو حقدار ناهي ان حوالي سان نيب ۽ قانون واري وزارت مناسب ايڪشن وٺي.هوڏانهن نواز شريف جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست تي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي.

Bookmark the permalink.