تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نواز شريف جي علاج بابت نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع

لاهور(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نئين ميڊيڪل رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. نواز شريف جي 4 صفحن تي ٻڌل نئين ميڊيڪل رپورٽ وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. ميڊيڪل رپورٽ موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي علاج لاءِ لنڊن ۾ رهڻ ۽ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي پنهنجي عمر، سنگين بيمارين جي ڪري ۽ ڪورونا جي حوالي سان احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف موجب هو پاڪستان جي جيل ۾ اڪيلو قيد هو ۽ هن جي حالت اُتي وڌيڪ خراب ٿي آهي. ميڊيڪل رپورٽ موجب ڊاڪٽرن نواز شريف کي هدايت ڪئي آهي ته هو معمول جي چُرپُر جاري رکي، هو هاءِ رسڪ ڪيٽيگري جو مريض آهي، هن جي دل جي علاج لاءِ سمورا بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري نواز شريف سميت ڪيترن ئي مريض جي علاج ۾ خلل آيل آهي. رپورٽ موجب نواز شريف جي دل جون شريانين کولڻ لاءِ جلد ئي وقت مقرر ڪيو ويندو ۽ هن جي پليٽيليٽس جو علاج دل جي بند شريانيون کولڻ واري عمل کان پوءِ ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.