تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد: ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، 22 سيپٽمبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. ڪالھه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني
تي ٻڌل ڊويزن بئنچ نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل ۽ نيب پاران نواز شريف جي ضمانت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار نواز شريف جي ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس ۾ ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته پهريان جوابدار جي وڪيل کي ٻڌي وٺون ٿا ته ڇا اشتهاري جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي ڪري سگهجي ٿي يا نه؟ ان بعد ۾ اوهان کي ٻڌندا سين، نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث دليلن دوران مختلف عدالتي فيصلن جا حوالا ڏيندي چيو ته نواز شريف کي نيب عدالت بغير ٻڌي اشتهاري قرار ڏنو آهي. جسٽس عامر فاروق سوال ڪندي چيو ته ڇا اشتهاري قرار ڏنل جوابدار جي اپيل ٻڌي سگهجي ٿي؟ ڇا ان صورتحال ۾ ضمانت رد ڪري سگهجي ٿي؟ جنهن تي نواز شريف جي وڪيل چيو ته سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي وڪيل کي ان جي غير موجودگي ۾ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، خصوصي عدالت پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏنو هو پر پوءِ به سپريم ڪورٽ مشرف جي وڪيل کي پيش ٿي موقف پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، ان کان علاوه سپريم ڪورٽ حيات بخش ڪيس ۾ اشتهاري شخص لاءِ طريقو واضع ڪيو آهي. اهڙي طرح جڏهن ڪنهن ڪيس ۾ غير معمولي حالتون هجن ته وڪيل کي پيش ٿيڻ جي اجازت هوندي آهي، هن چيو ته نواز شريف العزيزيه ڪيس ۾ استثنا جي درخواست داخل ناهي ڪئي. جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان درخواست ۾ استثنا گهري رهيا آهيو ۽ دليلن ۾ ان کان انڪار ڪري رهيا آهيو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته مفرور ملزم ڪيس جي آخر ۾ يا شروع ۾ هجي ٻنهي صورتن ۾ ڪيس تي اثر ناهي پوندو، خواجا حارث چيو نواز شريف جو ڪيس مشرف واري ڪيس سان مشابهت رکي ٿو نواز شريف سزا کان پوءِ جيل ڪاٽيو ۽ اپيل داخل ڪئي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جتي نيب قانون خاموش هجي اتي فوجداري قانون لاڳو ٿيندو آهي. خواجا حارث واضع لفظن ۾ عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف في الحال عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، استدعا اها آهي ته اپيلن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي يا وري جوابدار جي غير موجودگي ۾ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي وڃي. نيب جي وڪيل جهانزيب ڀروانا چيو ته هن عدالت نواز شريف کي سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيڪو هن پورو نه ڪيو، نواز شريف جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون ناهن، العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضمانت ختم ٿي چڪي آهي عدالت کي اهو خيال رکڻو پوندو ته مفرور کي ريليف ڏيڻ سان انصاف جو نظام متاثر ٿيندو، نيب جيڪا اپيل ڪئي آهي ان تي هن وقت تائين عدالت نواز شريف کي نوٽس جاري ناهي ڪيو، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف جو وڪيل چوي ٿو ته اپيلن جو فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي ڇو جو هو پيش نٿو ٿي سگهي جڏهن ته نيب جو موقف آهي ته نواز شريف جيستائين پيش نٿو ٿئي اپيلن تي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهجي، ان کان علاوه نواز شريف جي العزيزيه ڪيس ۾ هي عدالت مفرور قرار ڏئي ٿي ته نيب وري ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ضمانت رد ڪرڻ چاهيندو، ڇا ٻي ڌر کي ٻڌڻ بغير نيب جي اپيل ٻڌي سگهون ٿا؟. خواجا حارث چيو ته هن وقت عدالت جي نظر ۾ ڪو به مفرور ناهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ضمانت وٺي ويندڙ جوابدار پرڏيهه ۾ اسپتال ۾ داخل ناهي ٿيو ۽ نه وري ڪو علاج ڪرايو آهي، اسانجي ضمانت جو حڪم ختم ٿي چڪو آهي، جنهن جا پنهنجا اثر آهن. نيب وڪيل استدعا ڪئي ته نواز شريف جون اپيلون رد ڪيون وڃن جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته جوابدار کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪريون ٿا، خواجا حارث چيو ته مان نٿو مڃان ته ضمانت ختم ٿي چڪي آهي، نواز شريف سڄي ملڪ جي سامهون پرڏيهه روانو ٿيو، لنڊن ۾ آهي ۽ پاڪستان اچڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ڊاڪٽر کيس سفر کان روڪيو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پوءِ اهو آسان ڪم آهي ته ڪنهن به اپيل تي ٻي هاءِ ڪورٽ مان حڪم ورتو وڃي هن عدالت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني، نيب به ان وقت هاءِ ڪورٽ کي نه ٻڌايو ته نواز شريف مخصوص وقت لاءِ ٻاهر ويندو، خواجا حارث چيو ته پنجاب حڪومت جو حڪم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ نواز شريف جو موقف واضح آهي ته هو علاج مڪمل ڪرائي واپس ايندو، ڊاڪٽرن هن کي سفر ڪرڻ کان منع ڪئي آهي جيئن اجازت ملندي هو واپس ايندو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته جيڪي ميديڪل سرٽيفيڪيٽ پيش ڪيا ويا آهن اهي ڪنهن اسپتال جا ناهن هڪ ڪنسلٽنٽ جي راءِ آهي ، ڪنهن اسپتال وارن ناهي چيو ته ڪورونا جي ڪري جوابدار کي هوائي سفر ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيون يا وري ڪورونا جي ڪري نواز شريف کي اسپتال ۾ داخل ڪري علاج نٿو ڪيو وڃي، جوابدار کي جيڪڏهن اسپتال کان ٻاهر ئي رهڻو آهي ته پوءِ پاڪستان ۾ ڇو نه، نواز شريف پهريان به هتي علاج ڪرائي رهيو هو، وفاقي حڪومت به پيش ڪيل رپورٽن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي، انهن رپورٽن جي اڃان تائين تصديق به ناهي ڪرائي وئي، ميڊيڪل علاج ٿي سگهي ٿو پر دل ٻيهر جوان نٿو ٿي سگهي، انساني جسم وقت ۽ عمر سان خراب ئي ٿيندو آهي، خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته جن اسپتالن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي انهن جون رپورٽون موجود آهن، ڪورونا وائرس سبب علاج تاخير جو شڪار ٿيو آهي، ان کان بعد عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ نواز شريف جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ ان جا 22 سيپٽمبر تائين ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ان خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.