تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

نوازشريف پرڏيهه ويندو، آچر تي لنڊن روانو ٿيڻ جو امڪان

لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ نوازشريف جي علاج لاءِ تياريون، جلد نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو: ذريعا

لاهور(نيوز ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جو فيصلو، آچر تي لنڊن روانو ٿيڻ جو امڪان. ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف ۽ شهبازشريف آچر تي قومي ايئر لائين ذريعي لنڊن ويندا. ذريعن موجب نوازشريف جي علاج لاءِ هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، شريف خاندان نيويارڪ ۾ به هڪ ڊاڪٽر سان ڳالهايو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان پاران لنڊن ۾ ٻن ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو ويو ۽ اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ سومر لاءِ ٽائيم ورتو ويو آهي. ٻئي پاسي نوازشريف جي علاج لاءِ پرڏيهه روانگي لاءِ48 ڪلاڪن اندر سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. نوازشريف جي ڀاءُ شهبازشريف گهرو وزارت کي نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ باضابطه طور درخواست ڏئي ڇڏي آهي. نوازشريف جو نالو نيب جي درخواست تي ايل سي ايل ۾ وڌو ويو هو. تنهنڪري حڪومت نيب سان مشاورت ڪئي ۽ پوءِ امڪان آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو.

Bookmark the permalink.