تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نوازشريف صحتياب ٿيڻ بعد ڏيهه واپس ايندو:آئين ۽ عدالتي فيصلن جو احترام نه ڪيون ها ته گذريل ٻن ٽن سالن جي تاريخ مختلف هجي ها:خواجه آصف

نواز شريف جي پليٽ ليٽس جو مذاق اڏايو ويو: عمران خان جي چوڌاري اڻ چونڊيل ماڻهو آهن:خواجه آصف

اڻ چونڊيل ماڻهو مختلف ذريعن يا پنهنجي فنڪاري سبب حڪمرانن جي ويجهو اچي وڃن ٿا:ن ليگ اڳواڻ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف چيو ته نوازشريف صحتياب ٿيڻ بعد ڏيهه واپس ايندو ۽ عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندو، خواجه آصف چيو ته هنن خلاف فيصلو آيو پر هو عدالتن جو احترام ڪن ٿا، نواز شريف جي پليٽ ليٽس جو مذاق اڏايو ويو، عمران خان جي چوڌاري اڻ چونڊيل ماڻهو آهن جيڪي پليٽ ليٽس جو مذاق اڏائن ٿا. هن چيو ته جمهوريت ۽ ملڪ جي اها بدقسمتي آهي ته هتي اڻ چونڊيل ماڻهو مختلف ذريعن يا پنهنجي فنڪاري سبب حڪمرانن جي ويجهو اچي وڃن ٿا.

Bookmark the permalink.