تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

نوازشريف جي لنڊن جي ڪيفي واري تصوير تي ممڻ مچي ويو، 48 ڪلاڪن اندر رپورٽس طلب

لاهور(نيوز ڊيسڪ) علاج لاءِ لنڊن ويل نواز شريف جي ڪيفي واري تصوير سوشل ميڊيا سان گڏ ملڪي سياست ۾ به مانڌاڻ مچائي ڇڏيو،پنجاب جي گهرو کاتي نواز شريف جون ميڊيڪل رپورٽس 48 ڪلاڪن اندر طلب ڪري ورتيون، صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته نواز شريف ته لنڊن ۾ ٺيڪ ٺاڪ ۽ سير سپاٽا ڪندي نظر اچي رهيو آهي، سندس صحت ۾ سُڌاري بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو. نوازشريف، شهبازشريف ۽ ٻين جي لنڊن جي هڪ ڪيفي واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب سرڪار به حرڪت ۾ اچي وئي، صوبائي گهرو کاتي نوازشريف ۽ سندس ڊاڪٽرز عطا تارڙ ۽ عدنان کي خط اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اطلاع آهي ته نوازشريف جي صحت بهتر آهي، تننڪري تازيون رپورٽس 48 ڪلاڪن اندر اماڻيون وڃن. هوڏانهن پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي نوازشريف جون جيڪي ميڊيڪل رپورٽس موڪليون ويون هيون، اهي مڪمل ۽ تسلي بخش نه هيون، پرڏيهي ڊاڪٽر به اسان کي جيڪو خط لکيو هو، اهو ان سمري سان هڪجهڙائي رکي پيو، جيڪا اسان نوازشريف جي صحت جي باري ۾ صحافين کي ڏني هئي. هن چيو ته مان جڪڏهن نوازشريف کي تصوير ۾ چانهه وغيره پيئندي ڏٺو ته سندس ڊاڪٽر عدنان کي فون ڪيو ۽ چيو ته اوهان هڪ پاسي چئو ٿا ته نوازشريف جي صحت تمام گهڻي خراب آهي، اسان کي لکي موڪليو آهي ته نوازشريف کي اسٽروڪ جا امڪان وڌي ويا آهن، ڇا هي سير سپاٽو به علاج جو حصو آهي. هن چيو ته هڪ پاسي اهو به چيو پيو وڃي ته نوازشريف جي حالت خراب آهي، سندس ڌيءُ کي پيءُ جي تيمارداري لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جي درخواست ڪئي وڃي ٿي، ته ڇا مريم نواز ريسٽورنٽ ۾ تيمارداري ڪندي، ڇو ته تيمارداري ان جي ٿيندي آهي، جيڪو بيماري جي بستر تي هجي پر نوازشريف تي گهمي رهيو آهي. ياسمين راشد چيو ته نواز شريف ته لنڊن ۾ ٺيڪ ٺاڪ ۽ سير سپاٽا ڪندي نظر اچي رهيو آهي، سندس صحت ۾ سُڌاري بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو



Bookmark the permalink.